پرتاب هرگنداس ڌنواڻي جادوگر نماڻو

پرتاب هرگنداس ڌنواڻي، ’جادوگر نماڻو‘: ناميارو جادوگر ۽ آل انڊيا مئجڪ سرڪل جئپور جو صدر، پرتاب ڌنواڻي عرف جادوگر نماڻو، پهرين آگسٽ 1937ع تي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. مئٽرڪ تائين تعليم پرايائين، بعد ۾ جادوءَ جي فن کي اختيار ڪيائين. سنڌ جي سمورن وڏن شهرن ۾ جادوءَ جا پروگرام پيش ڪيائين. گجرات مئجيشن ائسوسيئيشن، بڙودا جو سيڪريٽري به رهيو. ان کان سواءِ اُڌيپور مان نڪرندڙ ’ڪلاشرنکلا‘ جي فني صفحي جو ايڊيٽر به رهيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو